ترڪ صدر سان ملاقات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي سان وڏي جاني نقصان تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ صدر سان ملاقات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي سان وڏي جاني نقصان تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ۾ زلزلي متاثرين جي بحالي تائين ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم چيو ته کيس پورو اعتماد آهي ته ترڪيه جي صدر جي قيادت ۾ ترڪيه ان الميي مان مضبوط بڻجي اڀرندو.

مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں