زمان پارڪ اڄ هٿياربند جٿن جي پناهه بڻيل آهي، هٿياربند جٿن کي اتساهڻ جو ماسٽر مائنڊ عمران خان آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زمان پارڪ اڄ هٿياربند جٿن جي پناهه بڻيل آهي، هٿياربند جٿن کي اتساهڻ جو ماسٽر مائنڊ عمران خان آهي، 9 مئي جو ڏينهن پوري ملڪ جي لاءِ ڪارو ڏينهن هو، عمران خان جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تحت حساس، عسڪري ۽ سول ٺڪاڻنتي حملا ڪيا ويا، غازين ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪئي وئي، پاڪستان جا جهنڊا ساڙيا ويا، اها ملڪ دشمني ۽ بغاوت آهي، شرپسندن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، سويلين ٺڪاڻن ۽ سول عمارتن تي حملن ۽ جلاءُ گهيراءُ تي سويلين ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن تحت ڪارروائي ٿيندي، عسڪري ٺڪاڻن جي حدن جو تعين آئين ۾ موجود آهي، عسڪري ٺڪاڻن تي حملن جي ڏوهارين جو لاڳاپيل قانونن موجب ٽرائل ٿيندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ 9 مئي جو ڏينهن هر سال ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ازلي دشمن 75 سالن ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي جيڪو 9 مئي جي ڏينهن پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تحت پي ٽي آءِ جي جٿياربند جٿن ۽ پلانٽيڊ ماڻهن عسڪري ٺڪاڻن، سول ۽ ٻين اهم عمارتن تي حملا ڪيا، اسپتالن ۽ اسڪولن کي ساڙيو ويو، ايمبولينس مان مريضن کي ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويو، ايڌي جي ايمبولينس ساڙي وئي، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، ريڊيو پاڪستان جي تاريخي عمارت کي باهه ڏني، اها ملڪ دشمني ۽ بغاوت آهي، اهو ڪنهن به طور تي سياسي يا عوامي احتجاج نه هو، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هٿياربند جٿن عمران خان جي چوڻ تي اها ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته زمان پارڪ اهو ڳڙهه هو جتي عمران خان ويهي پاڻ ان پوري ڪارروائي جي منصوبابندي ڪئي، تحريڪ انصاف جي هٿياربند جٿن پاڪستان جا جهنڊا ساڙيا، اهو ڪو سياسي ردعمل نه هو، اهڙي قسم جي عمل ۾ ملوث عنصرن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سويلين ٺڪاڻن ۽ سول عمارتن تي حملن ۽ جلاءُ گهيراءُ تي سويلين ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن تحت ڪارروائي ٿيندي، عسڪري ٺڪاڻن جي حدن جو تعين آئين ۾ موجود آهي، عسڪري ٺڪاڻن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن جو لاڳاپيل قانونن موجب ئي ٽرائل ٿيندو. هن چيو ته ڪا قوم اهو برداشت نه ڪندي ته بهادري ۽ جرئت جي نشانين جي بي حرمتي ڪئي وڃي ۽ سرحدن تي بيٺل نوجوانن جا جذبا مجروح ڪيا وڃن، اهڙين ڪاررواين تي عبرت جو مثال قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي 9 مئي جهڙو ڪارو ڏينهن ٻيهر نه اچي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رياست جو تحفظ رياست جي ٽنهي ٿنڀن جي گڏيل ذميواري آهي، جيڪڏهن دهشتگرد جٿي جي پٺڀرائي ڪندڙ کي ”گڊ ٽو سي يو“ چيو ويندو ته اهو ان سوچ کي سگهه ڏيڻ جي برابر آهي جيڪو رياست تي حملن ۾ ملوث آهي، عمران خان سڌوسنئون ان پوري عمل ۾ ملوث آهي. مراد سعيد پنهنجي وڊيو ۾ چوي ٿو ”جيڪي جايون ٻڌايون هيون اتي پهچي وڃو، عمران خان گرفتار ٿي ويو آهي.“ اهي جايون ڪنهن ڏيکاريون هيون؟، عمران خان عدالت جي اندران وڊيو پيغام جاري ڪري ٿو ته جيڪڏهن مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته 9 مئي کان وڌيڪ ردعمل ايندو. هن چيو ته 9 مئي سانحي جي حوالي سان پنجاب حڪومت سمورا ثبوت فراهم ڪري ڇڏيا آهن. هٿياربند جٿن کي اتساهڻ جو ماسٽر مائنڊ عمران خان آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي واضح هدايت آهي ته ڪنهن بيگناهه سان زيادتي نه ٿئي، ان ڏس ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي پر ڪنهن ڏوهاري سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس فورس اسان جي تحفظ جي لاءِ بيٺل هوندي آهي، عمران خان ڪڏهن ان تي پيٽرول بمن سان حملا ڪرائي ٿو ۽ ڪڏهن انهن جون گاڏيون ساڙيون وڃن ٿيون، پوليس جي لاءِ عمران خان غليظ زبان استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين، رياستي ٺڪاڻن، ٻارن ۽ مريضن تي حملي آور آهي. هن چيو ته ٽي ڀيرا جي چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي جڏهن گهر موڪليو ويو هو ته ڪهڙيون ميٽرو ۽ پليون سڙيون هيون؟ ڪهڙيون اسپتالون ۽ اسڪول سڙيا هئا؟ نواز شريف ميٽرو ۽ پليون ٺاهيندڙ هو، عمران خان نواز شريف تي جعلي ڪيس قائم ڪرڻ جي لاءِ قومي پئسي جو زيان ڪيو، براڊ شيٽ ۾ نواز شريف جي خلاف ڪيس ڪيو جنهن ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي. هن چيو ته عمران خان جڏهن اقتدار ۾ هو ته هن القادر ٽرسٽ پنهنجي ۽ پنهنجي گهرواريءَ جي نالي رجسٽر ڪرايو، ڪهڙي قانون تحت هن اهو ڪم ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ميڊيا کي عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي ڌمڪين وارن بيانن ۽ جلاءُ گهيراءُ تي اتساهڻ جي وڊيوز پڻ ڏيکاريون. هن چيو ته انهن وڊيوز مان صاف خبر پئجي رهي آهي ته اهي ڪير ماڻهو هئا؟ پي ٽي آءِ جي قيادت بار بار چئي رهي آهي ته جنهن جڳهه جو ٻڌايو هو اتي پهچي وڃو، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر جي گهر جو ٻڌايو هو، اتي پهچي وڃو، عمران خان چوي ٿو ته اهي حملا مون ناهن ڪرايا، هي اهڙو واقعو آهي جيڪو سياست کان مٿانهون آهي، عوام، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي ان ۾ فرق ڪرڻو پوندو، انهن واقعن تي پاڙيسري ملڪ ۾ شادمانا وڄايا ويا. هن چيو ته Say no to 9th May هر ٻار ۽ هر شخص جي زبان تي هجڻ گهرجي. اسان کي بحيثيت قوم فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا اسان کي اهڙي طرح مارڪٽ جلاءُ گهيراءُ جي سياست جو حصو بڻجڻو آهي؟ ملڪ جي عوام پريشان آهي، سياسي عدم استحڪام جي ڪري معاشي عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ شخص چار سال ملڪي معيشت کي باهه لڳائي، ملڪ جي عوام کي بيروزگار ڪيو، قومي ناڻي تي ڌاڙو هنيو، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، سوسائٽي کي تباهه ڪيو، اسان جي صبر تي حملي آور ٿيو، پنهنجي ڪارڪنن کي جلاءُ گهيراءُ جي تلقين ڪئي، ڇا اهو گڊ ٽو سي او جو مستحق آهي؟ اهو تماشو ختم ٿيڻ گهرجي، اسان کي اڄ فيصلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته 9 مئي سانحي جا سمورا ثبوت موجود آهن، سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، وزيراعظم واضح فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي پر جنهن ڏوهه ڪيو آهي ان سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، جيڪي لاڳاپيل قانون آهن ان موجب قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ انهن ماڻهن جو ٽرائل ٿيندو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي آر ٽي ايس ويهاري ملڪ تي مڙهيو ويو، جڏهن کيس بي اعتمادي رٿ جي ذريعي حڪومت کان ٻاهر ڪيو ويو ته هن سائفر لهرايو، پوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙيون ۽ اليڪشن جو ڊرامو شروع ڪري ڇڏيو. اليڪشن جو ڊرامو ان لاءِ آهي ته 60 ارب رپين جي ڪرپشن، ٽيريان ڪيس، توشه خانه جي چوري ۽ منع ٿيل فنڊنگ جو جواب نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته عمران خان جڏهن اقتدار ۾ هو ته سياسي مخالفن ۽ ميڊيا کي جيلن ۾ وڌو ته جيئن ڪير ان کان سوال نه پڇي. عمران خان جي ٽرائل جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته هر ڏوهاري جي خلاف لاڳاپيل قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته 9 مئي سانحي جي واقعن ۾ ملوث گرفتار ماڻهن کي پبلڪ ڪيو ويندو، ڪهڙي ڏوهاري ڪٿي حملو ڪيو ۽ ڪيترو نقصان ٿيو، سمورا تفصيل عوام کي ٻڌايا ويندا. گهرو وزير ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪري آگاهه ڪندو. گهرو وزير کي اڄ پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي پر سعودي عرب جو ڊپٽي گهرو وزير پاڪستان جي دوري تي آهي، روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي پئي وڃي، سعودي عرب ويندڙ ماڻهن جي ويزا جو سمورو عمل هاڻي هتان ئي مڪمل ٿيندو. ان پراجيڪٽ سان حاجين کي سهولت ملندي. هڪ سوال تي هن چيو ته ملٽري ٺڪاڻن کي نقصان پهچائيندڙن جو ٽرائل لاڳاپيل قانونن تحت ٿيندو. ان ۾ ڪو ابهام نه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جا فالورز اڄ انهن واقعن جي مذمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن پنهنجي شڪست نظر اچي ٿي ته هو چوي ٿو ته ساڙي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ان جي خلاف فيصلا ڏي ته هو سپريم ڪورٽ جي خلاف ٿي وڃي ٿو، ان سازشي ۽ فتني جي دماغ ۾ سدائين فساد جو منصوبو هوندو آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد
متعلقہ مضامین
مزید خبریں