پي ايس ڊي پي تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ايس سي او تحت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ هائبرڊ پاور سلوشن جي اڳ کان جاري 2 منصوبن جي لاءِ 60 ڪروڙ رپيا مختص

image

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ايس سي او تحت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ هائبرڊ پاور سلوشن جي اڳ کان جاري 2 منصوبن جي لاءِ 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ان منصوبي جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو هڪ ارب 70 ڪروڙ 50 لک رپيا لڳايو ويو. اهي منصوبا 31 مارچ 2021ع تي باقاعده منظور ڪيا ويا هئا.

مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں