پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ايراني هم منصب امير عبداللهيان پرڏيهي آفيس جي لان ۾ دوستي جي يادگار طور صنوبر جو ٻوٽو هنيو

image

اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ايراني هم منصب امير عبداللهيان اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس جي لان ۾ دوستي جي يادگار طور صنوبر جو ٻوٽو هنيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت اچڻ تي ايراني پرڏيهي وزير جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا ٻيا سينيئر عملدار به موجود هئا. ايران جو پرڏيهي وزير پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي.

مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں