عوام نواز شريف سان گڏ ان جي نظريي جي ڪري بيٺل آهي، پاڪستان جو ووٽر ڄاڻي ٿو ته نواز شريف ئي ملڪ کي مشڪل مان ڪڍي سگهي ٿو: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام نواز شريف سان گڏ ان جي نظريي جي ڪري بيٺل آهي، پاڪستان جو ووٽر ڄاڻي ٿو ته نواز شريف ئي ملڪ کي مشڪل مان ڪڍي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ ۽ عوام سان دشمني ڪئي، ملڪ جي خلاف سازش ڪندڙ اڄ منهن ڏيکارڻ جي قابل نه آهن، چار سالن دوران قومي ادارن کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون رهيون جڏهن ته اسان 15 مهينن ۾ ادارن کي نيلام نه ڪيو پر ٻيهر بيهاريو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع قومي اسيمبلي مان منظور ٿي ويو آهي، ان بل جي تياري تي ميڊيا ورڪرز ۽ ڌرين جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته بل جي منظوري کانپوءِ ميڊيا هائوسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت حڪومت جي مقرر ڪيل هوندي جڏهن ته پگهارن جي ادائيگين ۾ دير جهڙا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن کي پيمرا ترميمي بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اها ترميم ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ميديا کي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن بابت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. وفاقي وزير چيو ته پيمرا ترميمي بل ۾ عوامي خدمت جي پيغام پهچائڻ جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز کي نااهلي جو 5 سالن جو مدو مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ نواز شريف ۽ پارٽي قيادت سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز ڄمي مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو ۽ پارٽي ورڪر طور ثابت قدم رهيا. وفاقي وزير چيو ته ڀيرا جي چونڊيل وزيراعظم کي 2017ع ۾ هڪ سازش جي ذريعي هٽايو ويو ۽ 2018ع ۾ ”پراجيڪٽ عمران“ کي قوم تي مڙهيو ويو ۽ ترقي جو سفر روڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ شروع ٿيندڙ ترقي جا ڪيترائي منصوبا روڪيا ويا. پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت ترقي وارن منصوبن کي بند ڪيو ويو، دهشتگردي جي خلاف ڪاميابيون ضايع ٿيون. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ عوام کي بدترين مهانگائي کي منهن ڏيڻو پيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا ورڪرز، ووٽرز ۽ ان جا اسيمبلي ميمبر پارٽي قيادت سان گڏ ثابت قدمي سان بيٺل آهن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي چئن سالن جي دور ۾ پنهنجي نااهلي سان ملڪ کي بحرانن جو شڪار ڪيو جڏهن ته گذريل 15 مهينن دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادين گڏجي ملڪ کي پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل بحرانن مان ڪڍيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ ۽ عوام جو دشمن آهي جنهن اڳ ۾ آءِ ايم ايف معاهدي سخت شرطن تي صحيحون ڪيون پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجي معمولي سياسي فائدي جي لاءِ ان پروگرام کي معطل ڪيو، اهڙي طرح هن ملڪ ۽ قوم جي وقار کي خطري ۾ وڌو. اطلاعات واري وفاقي وزير شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني جي سمورن ملازمن کي 108 ڪمرن تي ٻڌل عمارت جي مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته موجوده حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني جي عمارت خراب حالت جو شڪار هئي ۽ ان جا ملازم رستن تي هئا ڇو ته انهن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي نه ٿي رهي هئي. هاڻي شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني جي ملازمن کي پگهارن ۽ پينشنرز جي ادائيگيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ ايس آر بي سي جهڙا قومي نشرياتي ادارا قوم جو اثاثو آهن ۽ انهن جي بحالي سان صنعت کي هٿي ملندي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ ايس آر بي سي جي عمارتن جي نيلامي جون ڳالهيون ٿينديون هيون جڏهن ته موجوده حڪومت رڳو 15 مهينن دوران انهن ادارن کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي ان جي دور ۾ ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب مليو جڏهن ته گذريل 15 مهينن جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان جي اظهار راءِ جي حوالي سان عالمي درجابندي ۾ 7 درجا بهتري ٿي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ اسڪيم جي باقاعده شروعات ڪندو. ريڊيو پاڪستان بابت اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنز جا مسئلا حل ٿي ويا آهن. هن چيو ته حڪومت عوام کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ ايس آر بي سي جي عمارتن ۾ سئنيما هائوسز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جو مقصد مقامي فلم انڊسٽري کي بحال ڪرڻ آهي ته جيئن اسڪريم ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي قومي بيانيي کي فروغ ڏئي سگهجي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني ۾ ايم سي آر جو افتتاح ڪيو. هن ايس آر بي سي بلڊنگ ۾ سئنيما هائوس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں