اسلام آباد ??? 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب قانونساز اسيمبلي ميمبرن علي شان سوني، علي رضا بخاري، صغير چ??تائي، اڳوڻي اسپيڪر انوارالحق ۽ اڳوڻي وزير شهزاد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندي وزيراعظم عمر??ن خان جي قيادت، ويزن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، قانونساز اسيمبلي ميمبرن چيو ته ٺوس حڪمت عملي سان وزيراعظم عمر??ن خان ملڪ کي مالي بحرانن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ جنهن موثر انداز ۾ هن عالمي فورمن تي نه رڳو ڪشمير پر اسلام ج?? ڪي?? وڙهيو آهي اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.