اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ جي ذميواري پوري ڪنداسين، سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻو آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل کان روڪڻ جي لاءِ ڪي انتظامي حڪم جاري ناهن ڪيا ويا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ جي ذميواري پوري ڪنداسين، سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻو آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل کان روڪڻ جي لاءِ ڪي انتظامي حڪم جاري ناهن ڪيا ويا، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلي، موسمياتي تبديلي ۽ پائيدار ترقياتي هدف بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، موجوده حڪومت جي انتظامي قدمن جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 40 کان 45 رپيا گهٽتائي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته فواد حسن فواد قابل ۽ ناليوارو بيوروڪريٽ آهي، هن مختلف اهم عهدن تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ڪنهن بيوروڪريٽ کي ڪنهن پارٽي سان ڳنڍڻ جو تاثر مناسب نه آهي، احد چيما کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪابينا ۾ رکيو. هن چيو ته نگران حڪومت ڪو به قدم آئين ۽ قانون کان مٿانهون ناهي کنيو، نگران حڪومت کي معيشت سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن، نگران حڪومت کي گورننس جا ايشوز به آهن، روزاني معاملن کي حل ڪرڻ ضروري هوندو آهي، وقت سر معاشي فيصلا نه ڪرڻ سان ماڻهن تي منفي اثر پون ٿا، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهڙا فيصلا ڪريون جنهن سان عوام تي ڏورس اثر پون. نگران وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت چونڊن جي معاملي تي قانونسازي ڪئي آهي ۽ چونڊون ڪرائڻ جو مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن کي ڏنو آهي، نگران حڪومت چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميسن کي پنهنجي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سياسي پارٽين کي چونڊ سرگرمين ۾ حصو وٺڻو آهي ۽ پنهنجا اميدوار نامزد ڪرڻا آهن، اسان جو ڪم فنڊز جي فراهمي سميت ٻي معاونت آهي. هن چيو ته صدر چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن کي تجويزون ڏنيون آهن، ان بابت نگران حڪومت جي صدر سان مشاورت ڪا قانوني گهرج نه آهي. هن چيو ته صدر ملڪي سربراهه آهي، هو وفاق جي علامت آهي، ان سان احترام جو رشتو آهي، جڏهن ضروري هوندو آهي صدر سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊن دوران سياسي پارٽيون پنهنجي تاثر سان ووٽر کي راغب ڪن ٿيون، نگران حڪومت شفاف، غيرجانبدراڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن پارٽي کي فيئر ۽ فيور نه ڏينداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلي، موسمياتي تبديلي ۽ پائيدار ترقياتي هدفن بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ۽ ان موقف کي تسلسل سان پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميان نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وڏا سياسي اڳواڻ آهن جنهن کان ڪنهن کي انڪار نه آهي، ڪو اهڙو قانون ۽ انتظامي حڪمنامو نه آهي جنهن تحت پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو هجي، اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ پارٽي آهي ۽ ان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، 9 مئي تي جلاءُ گهيراءُ جا واقعا ٿيا جنهن کي عالمي ۽ قومي ميڊيا ۾ ڏيکاريو ويو جنهن کانپوءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وئي، ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويو، ان کي سياسي عمل ۾ شموليت تي پابندي سان ڳنڍي نٿو سگهجي، رڳو جن قانون جي خلاف ورزي ڪئي انهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي، چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز موجود آهن پر چونڊ عمل مان به گذرڻو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر سامهون آئي آهي، ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اولين ترجيح آهي. نگران وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جنهن ڏينهن کان اقتدار سنڀاليو ان ڏينهن کان جوابده آهي، حڪومت جي انتظامي قدمن جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 40 کان 45 رپيا گهٽتائي آئي، غيرقانوني واپار کي ختم ڪيو ويو يا ان ۾ گهٽتائي آندي وئي، ملڪ جي سرحدي انتظام ۽ ڊيجيٽل انتظام، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي بابت قانونن تي عمل ڪيو. هن چيو ته اهي قانون اڳ ۾ به موجود هئا پر اسان عام ماڻهو کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قانونن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو. هن چيو ته کيس ڪابينا ۾ اضافي جو مينڊيٽ حاصل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين جون ٽي ڪيٽيگريز آهن، انهن ۾ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جو انگ 1.7 ملين جي لڳ ڀڳ آهي، انهن کي ڪڍڻ جي ڪنهن ڳالهه ناهي ڪئي، اسان عالمي واعدن ۽ پنهنجي اخلاقي ذميوارين کي نظر ۾ رکندي انهن جو محفوظ قيام يقيني بڻائينداسين، ٻيا اهي ماڻهو آهن جن رجسٽريشن ناهي ڪرائي، انهن کي رهڻ جو حق نه آهي ڇو ته بنا رجسٽريشن جي معلوم نه آهي ته اهي ڪهڙي قسم جي سرگرمين ۾ ملوث آهن، افغانين کانسواءِ ٻين ملڪن جا شهري به ان ۾ شامل آهن، پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن شهرين کي انهن جي وطن واپس موڪليو ويندو، ٽئين ڪيٽيگري ۾ اهي ماڻهو آهن جن جعلي پاسپورٽس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي رکيا آهن، انهن کي ڪڍيو ويندو، اهو هر رياست جو قانوني حق به هوندو آهي، بنا ويزا، پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪنهن ملڪ جو شهري ٻئي ملڪ ۾ ڪاروبار، ملازمت ۽ تعليم حاصل نه ٿو ڪري سگهي، اسان قانوني طريقيڪار تحت قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان جي لاءِ منصوبابندي جي ضرورت آهي، يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ ريسرچ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جڏهن نگران حڪومت قائم ٿي ته ملڪ کي توانائي بحران درپيش هو. هن چيو ته وفاق پاران بلوچستان کي تمام گهڻا موقعا مليا آهن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري سينيارٽي جي بنياد تي ٿي، ان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، بلوچستان مان ڪنهن جي جبري گم ٿيڻ بابت ڪا شڪايت سامهون ناهي آئي، قانون شڪني تي گرفتاريون ٿين ٿيون، ڪنهن کي سياسي اختلاف جي بنياد تي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ کي سياسي راءِ سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ وڏو چئلينج آهي، ماڻهن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻڻ، مشڪلاتن جي حل لاءِ قدمن جي ڏس ۾ مشڪل فيصلا ڪرڻا پون ٿا، ماضي ۾ چونڊ عمل تي سوال اٿندا رهيا جنهن کانپوءِ نگران حڪومتن جو قيام عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ عمل کي يقيني بڻائي سگهجي.

مضمون کا ماخذ : رومن دولت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں