اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جيِ ضرورت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي قانونن جون خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سفيرن سندون پيش ڪيون، سفيرن صدر سان ??ار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سفيرن کي مبارڪباد ڏني.