اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پوليس اهلڪار ڪان??ٽي??ل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ت?? فرض جي شوق سان ادائيگي ت?? اسان ڪان??ٽي??ل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ??يو. ياد رهي ت?? هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ??يو جنهن ۾ ڏسي س??هج?? ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي ا??ٽي??ن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.