اسلام آباد – 30 –; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته وڏو عرصو خساري ۾ ره?? کانپوءِ هن سال پاڪستان ٽيلي ويزن 1.3 ارب روپيا ??نافعو ڪمائي رهي آهي.
پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي دورن جي التوا جي ڪري اسان جو 30 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، مون کي اميد آهي ته ايندڙ سال اسان منافعي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏينداسين. هن پي ٽي وي جي مينيجمينٽ ۽ ورڪرز کي ان ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني.