اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دع??ت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ??فغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اسان چين جي طرف وڃي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ??سان فيصلو ڪيو آهي ته ??يڪي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اسان ڪنهن کي قائل ڪري رهيا آهيون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته ??هي گفتن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ??يجنگ اجلاس ۾ طالبان کي دع??ت ڏينداسين ته ??يئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سان شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته ??يڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ??ن جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيندو پر توه??ن به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اسان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.