اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پهرئين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪري ڇڏيو آ??ي، پي ٽي آءِ جي قومي قيادت تي ٻڏل 21 رڪني آئيني ڪميٽي پارٽي جي نئين تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو ٻيهر پيش ڪندي، تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا قومي پارٽي جو درجو رکي ٿي، پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، جمعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر قيادت جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان پارٽي جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي قيادت تي مشتمل آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارٽي جي نئين آئين تي ڪم ڪري رهي آ??ي، ڪميٽي تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو به پيش ڪندي، هن چيو ته سينئر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ نيون تنظيمون جوڙيون وينديون، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي چونڊن ۽ پاڪستان جي عمومي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا وفاقي پارٽي جو درجو رکي ٿي، هن چيو ته عمران خان وفاق جو ليڊر آ??ي، گوادر کان خيبر تائين ڪراچي کان لاهور تائين هر جاءِ تي سندس ووٽ بئنڪ موجود آ??ي، تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا به ٻي پارٽي 1100 کان 1200 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي صلاحيت نٿي رکي، هن چيو ته پيپلزپارٽي اندورني سنڌ ۽ ن ليگ پنجاب جون پارٽيون آهن، تحريڪ انصاف جي ميمبر جي حيثيت سان اسان تي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان وفاق جي ذميدارين کي دلچسپي ??ان انجام ڏيون، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياست متاثر ٿي ته ان سان پاڪستان جي سياست متاثر ٿيندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي پهرين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پرفارمنس تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آ??ي، وليج ڪائونسل جي چونڊن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف هن وقت به خيبرپختونخوا جي سڀ کان وڏي پارٽي آ??ي، هن چيوته پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آ??ي، عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو ڪلچر پي ٽي آءِ ۾ آيو ته ان ۾ ۽ اسان ۾ فرق نه رهندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ ميرٽ جي ابتر ٽڪيٽ ورايا ويا، وزيراعظم بلدياتي چونڊن ۾ آيل شڪايتن تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو آ??ي، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي جهڙي طريقي سان هڪ وڏي پارٽي جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو، هو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ نظر نه آيو تنهن ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ جي سمورن عهديدارن کي عهدن تان هٽايو ويو آ??ي، پارٽي جي قومي قيادت تي ٻڌل نئين آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آ??ي، ان ڪميٽي ۾ خيبرپختونخوا مان پرويز خٽڪ، محمود خان، مراد سعيد، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور ??ام?? آهن. پنجاب مان هو پاڻ (فواد چوڌري)، شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، خسرو بختيار، چوڌري محمد سرور، سيف الله نيازي، عامر ڪياني، عثمان بوزدار ??ام?? هوندا. بلوچستان مان قاسم سوري، جڏهن ته سنڌ مان عمران اسماعيل ۽ علي زيدي ۽ وفاقي گادي ??ار?? شهر اسلام آباد مان اسد عمر ان ڪميٽي جو حصو هوندا. هن چيو ته ڪنهن رشتيدار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاملا ڏسڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي ويندي، اهڙا ڪيس هن ڪميٽي وٽ ايندا ۽ هو ڪميٽي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هن چيو ته اسان جمهوريت جي لاءِ بلدياتي ادارن کي اهم سمجهون ٿا، خيبرپختونخوا ۾ ٻي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ محمود خان کي ذميداري سونپي وئي آ??ي، ٽڪيٽ ڏيڻ جو هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويندو، اهو ميڪنزم وزيراعظم جي منظوري سان ڏنو ويندو، پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ٽڪيٽ جو فيصلو پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي وٽ ايندو، اها ڪميٽي مرڪزي سطح تي اميد??ار?? جو فيصلو ڪندي ته جيئن مقامي سطح تي ڪنهن قسم جي رنجش جهڙا معاملا ??ام?? نه اچن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس بل اسان جو ذاتي بل نه آ??ي، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ نٿا وڃڻ چاهين ته مخالف ڌر ان جو متبادل حل سامهون کڻي اچي، هن چيو ته اربين ڊالر جو قرض انهن ماڻهن پنهنجي دورن ۾ ورتو جيڪو اسان کي واپس ڪرڻو آ??ي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪو متبادل نظام آهي ته هو کڻي اچن.