اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏ??و، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح وزيراعظم ??مر??ن خان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم ??مر??ن خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي ??عاشي ۽ ثقافتي ??در مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪا??و حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي ??ڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باباءِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.