اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي ج??نيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چي?? ته ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چي?? ته دهشتگرد امن امان ??ي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چي?? ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آه??ون. هن چي?? ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان ??ي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چي?? ته دهشتگردي ج?? واقعا اسان ??ا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه ويند??ون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن ج?? درجا بلند ڪري.