??اه??ر – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ??اه??ر جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناه??اه?? ??اه??ر جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناه??اه?? جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته پناه??اه?? ??اه??ر ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ اهي پناه??اه??ن تمام جديد شهري سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار ??اه??، نگراني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه ??اه?? ??اه??ر جون اهم خاصيتون آهن.