اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جي حملي جي م??مت ڪئي آهي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي م??مت ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر جواب ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي نا??ام بڻ??يو ويو، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي نا??ام بڻ??ئيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي الرٽ آهن، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت دوران جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي سلام پيش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي جي هڪ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان