اسلام ??باد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسلام ??ا ٺيڪيدار اسلام ??دران اسلام ??باد جي لاءِ سياست ڪري رهيا آهن، اسل??مو فوبيا جي حوالي سان او آءِ سي جا سڀئي ملڪ هڪ پيج تي آهن، وزيراعطم عمران خان سدائين اسل??مو فوبيا تي ڳالهائيندو رهيو، 22 ۽ 23 مارچ تي 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير اسلام ??باد ۾ موجود هوندا، ان موقعي تي پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني کي قومي سوچ اختيار ڪرڻ ??ي ضرورت آهي، او آءِ سي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس مسلمان دنيا جي ترجماني ڪندو، سڄي قوم مسلمان دنيا لاءِ هڪ خوشي جو موقعو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسل??مو فوبيا کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو، اسل??مو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙي جي قرارداد ڏيڍ ارب مسلمانن جي ترجماني ??هي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي فورمن تي عمران خان ڏيڍ ارب مسلمانن جي ترجماني ڪئي ،اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو 2019ع ۾ مڪي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان اسل??مو فوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي ڳالهه ڪئي، سيپٽمبر 2019ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اسل??مو فوبيا ۽ ناموس رسالت تي ڪيس دنيا جي سامهون رکيو. دنيا ۾ جنهن انداز سان اسل??مو فوبيا تي مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، نيوزي لينڊ ۾ مسجد اندر حملو ٿيو، اولهه ۽ تازو ئي ڀارت جي اندر حجاب پائڻ تي عورتن تي حملا ٿي رهيا آهن، هندستان ۾ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي ڪري او آءِ سي جي 2020ع جي اجلاس ۾ اسان جي پرڏيهي وزير 15 مارچ تي اسل??مو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، 15 مارچ تي اسل??مو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سچو عاشق رسول ﷺ، سچو مسلمان هجڻ جي ناطي عمران خان دنيا جي سامهون اسلام ??و ڪيس وڙهيو، مملڪتي وزير چيو ته اولهه جيڪو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اهو ئي وزيراعظم عمران خان جي موقف جي تائيد ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم عمران خان دنيا جي سامهون معذرت خواه وارو رويو ترڪ ڪيو، روس جي صدر اسل??مو فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪيو، آمريڪا جي ايوان جي نمائندن کان به قرارداد سامهون آئي، وزيراعظم عمران خان مسلمانن جي دلين جي ترجماني ائين ئي جاري رکندو. هتي فضل الرحمان عمران خان تي تنقيد ڪندو رهيو آهي جيڪو حقيقتن جي منافي آهي، عمران خان جي ڳالهه کي دنيا توجهه ڏي ٿي، اسل??مو فوبيا تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو ??هي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي هر موقعي تي پاڪستان ڪشميرين سميت جتي جتي انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن کي اجاگر ڪيو، افغانستان جي معاملي تي او آءِ سي جي اجلاس جي نمائندگي پاڪستان کي ملي آهي، هن چيو ته سياسي سرگرميون ان وقت جمهوريت جو حسن آهن جيسيتائين ان ۾ شدت شامل نه هجي، هڪ مارچ ۽ هڪ شارٽ مارچ جي اسان اجازت ڏني جيڪڏهن ڪنهن تشدد کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه ??هي.