اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪ??نا??ا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪ??نا??ا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??راعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪ??نا??ا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم چيو ته ڪ??نا??ا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وز??راعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وز??راعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وز??راعظم شهباز شريف ڪ??نا??ا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪ??نا??ا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪ??نا??ا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪ??نا??ا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪ??نا??ا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪ??نا??ا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وز??راعظم ڪ??نا??ا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ ڪ??نا??ا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.