اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علو?? فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران وفاقي ٽيڪس محتسب ج?? فيصلن جي خلاف داخل ڪيل 30 هڪ جهڙيون اپيلون رد ڪندي ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرمستقل ليڪچررز جي پگهارن تي غيرمنصفاڻي ۽ غيرمعقول ٽيڪس ڪٽوتي جو عمل بند ڪري. صد?? وفاقي ٽيڪس محتسب ج?? فيصلي کي برقرار رکندي چيو ته ايف بي آر پاران سيمسٽرز کان سيمسٽرز عارضي طور تي رکيل ليڪچررز جي 36 هزار رپيا ماهوار پگهار تي 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ انڪم ٽيڪس جي وصولي غيرقانوني ۽ بدانتظامي جو عمل آهي. صد?? ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عورتن بابت پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج يا اهڙي قسم جي ٻين تعليمي ادارن جي ليڪچررز تي ود هولڊنگ ٽيڪس جو بار نه وڌو وڃي. هن ريجنل ٽيڪس آفيسر پشاور کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل قانوني شقن تحت انهن ڪيسن تي ٻيهر ڪارروائي ڪري ۽ سمورن ود هولڊنگ ايجنٽس کي صد?? ج?? فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ۽ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ ڏي. صد?? ايف بي آر جي انهن دليلن کي رد ڪري ڇڏيو ته ليڪچررز کي ادائيگيون ”خدمتن“ جي زمري ۾ اچن ٿيون جنهن ۾ 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 149،12 ۽ 153 (1) (b) تحت ملازمت جي ڪنهن به صورت ۾ يعني ريگيولر، ايڊهاڪ، عارضي، ڏهاڙي اجرت، هنگامي حا??تن وغيره تي رکيل ملازمن کي ملندڙ اجرت کي ”پگهار“ طور تي ئي شمار ڪيو ويندو ۽ ”پگهار مان آمدني“طور تي ئي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته ليڪچررز خدمتون حاصل ڪندڙ ادارن سان ”ملازم – مالڪ“ تعلق تحت ڪم ڪري رهيا هئا ۽ قانون موجب انهن جي اجرت کي پگهار جي برابر ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي ڪري، انهن جي اجرت کي ”پگهار تي ٽيڪس“ جي دائري مان خارج نه ٿو ڪري سگهجي. صد?? عارف علوي پنهنج?? فيصلي ۾ چيو ته ڪيسن جي حا??تن ۽ حقيقتن جي ڏس ۾ محتسب جا حڪم جائز ۽ ٺوس قانوني بنيادن تي ٻڌل هئا، تنهن ڪري ايف بي آر جي نمائندگي کي رد ڪيو وڃي ٿو.