اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وج?? ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لا??اپن جي م??تلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياسي لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لا??اپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزير هياشي يوشيما پاڪ جاپان لا??اپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي م??املن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.