اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي وڌيڪ بلن جي ??وا??ي سان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شري?? جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير خرم دس??گير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئ??. وزيراعظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک سان نه ويهندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوام سان سدائين س?? ڳالهائڻ جي وچن تي قائم آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بجلي جي بلن جي ??وا??ي سان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئ??.