سري??گر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ اڄ ملهائي ويندي، جڏهن ته ??ندس پهرين ورسي جي موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارت ??ي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر هنيا ويا آهن جن ۾ ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته ??هي پهرين سيپٽمبر خميس ڏينهن بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪن ۽ حيدر پوره طرف مارچ ڪن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڀارتي پوليس جي حراست ۾ حيدر پوره سري??گر ۾ پنهنجي رهائ?? تي لاڏاڻو ڪري ويو هو جتي کيس هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين مسلسل نظربند رکيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اڳ ۾ ئي پهرين سيپٽمبر تي مڪمل هڙتال ۽ حيدر پوره طرف مارچ جي ڪال ڏئي رکي آهي.