اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي ??پورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي نماز پڙهڻ جي ??جازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي ??دا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي ??جازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي ??صوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي ??ڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن س??ال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيندي عورتو?? پنهنجي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي ??اءِ ۾ عورتن کي مرڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي ??جازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي ??عميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي ??ه اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي ??ها راءِ حرمين شريفن س??يت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنهنجي ??پورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي ??هتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آهي?? مرڪزي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي ??جازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.