اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرپشن کي پاڙ کان پٽڻ جي ??اءِ پرعزم، ٺوس ۽ مخلصاڻيون ڪوششون ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اڀري سگهي ٿو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي ??وقعي تي قوم جي ??الي پنهنجي ??يغام ۾ ڪ??و. هن چيو ته معاشري جي س??ور?? طبقن جي ڪوششن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي، ڪرپشن عدم استحڪام ۽ غربت جي ??روغ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري ٿي. ڪرپشن ڪمزور ملڪن کي رياستي ناڪامي طرف وٺي وڃي ٿي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ بدعنواني جي خاتمي ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ بدعنواني جي س??ور??ن صورتن کي ختم ڪرڻ، حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ احتساب جي ??روغ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ ضروري آهي. ڪرپشن اسرندڙ ۽ ترقي يافته ملڪن کي درپيش هڪ سنگين چئلينج آهي، اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن اسان جي ??وم کي درپيش سنگين خطرن جي ذميوار آهي. هن چيو ته معاشري کي ان لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي ??اءِ مسلسل ڪوششون، موثر نگراني ۽ ڪنٽرول، پرعزم قيادت ۽ هڪ فعال معاشري جي ضرورت آهي. بدعنواني دفاع کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ اقتصادي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپشن قوم کي قيمتي ۽ ناياب سرڪاري ۽ نجي ??سيلن کان محروم ڪري ٿي. سماجي ۽ اقتصادي فرق پيدا ڪري ٿي ۽ اقتصادي ڍانچي کي کائي وڃي ٿي. ڪرپشن رياستي ادارن جي ڪمزوري جو به سبب بڻجي ??ي. صدر چيو ته بدعنواني جي خاتمي جو عالمي ڏهاڙو اسان کي بدعنواني جي خلاف جنگ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. بدعنواني جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جي ??اءِ پوري طرح پرعزم ٿيڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ذهانت، مهارت ۽ توانائين مان فائدو وٺڻو پوندو. معاشري جي س??ور?? طبقن جي ڪوششن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي. بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ، بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اخلاقي قدرن، انصاف ۽ سڀني جي ??اءِ هڪ جهڙن موقعن تي ٻڌل سڌارن ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار اهم آهي. بدعنواني جي خاتمي لاءِ ٺوس ڪوششون موثر ۽ پائيدار ٿي سگهن ٿيون. بدعنواني کي منهن ڏيڻ، شفافيت جي ??روغ لاءِ پارلياماني نگراني وڌائڻ سان گڏ قانونسازي انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته بدعنواني کي پرکڻ ۽ انصاف جي ادارن جي صلاحيتن کي وڌائڻ به ضروري آهي. هڪ مضبوط سول سوسائٽي ۽ آزاد پريس عوامي عهديدارن کي ان جي عملن جو ذميوار قرار ڏيڻ جي ??اءِ اهم آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي بدعنواني کي روڪڻ جي ??اءِ اهم ڌرين ۽ ماڻهن کي متحد ڪرڻ گهرجي.