اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ت?? گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين ت?? آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور تي کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون ت??ظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آفم نسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪندو، پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس (سڀاڻي) جمعي ڏي??هن اسلام آباد م پڄاڻي تي پهچندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي افيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج ٻن ڪشميري نوجوانن کي بڊگام ضلعي ۾ هڪ جعلي مقابلي ۾ گاڏي مان لاهي گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ت?? هڪ 75 سالا حراست هيٺ قيدي محمد مقبول خان جي ڪپواڙه جيل ۾ تشدد سان موت واقع ٿي. ترجمان چيو ته ان کي ۽ ان جي ٽنهي پٽن کي گذريل سال آگسٽ ۾ فرضي الزامن تحت حراست ۾ ورتو ويو هو، ڪپواڙه جي ڪٽن ڳوٺ ۾ هڪ خاندان گذريل هڪ مهيني کا?? پنهنجي پٽ ۽ ڀاءُ عبدالرشيد ڊار جي ڳولا ۾ آهي جن کي ڀارتي فوج جي راشٽريا رائفلز جي اهلڪارن 15 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو هو. ترجمان چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سوين ماڻهو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي تحويل ۾ گم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته معتبر انگن اکرن موجب 1989ع کا?? هيستائين والاريل علائقي ۾ اٽڪل 8 هزار ماڻهو گم ٿي چڪا آهن، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين ت?? آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس ۾ آهي، پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪانگو جي صدر ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي. ترجمان چيو ته فورم جي موقعي تي پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جمهوريه ڪانگو جي صدر کا??سواءِ چين جي نائب وزيراعظم ل??وه?? کا??سواءِ اسپين، سعودي عرب، بيلجيئم، فن لينڊ ۽ هالينڊ جي پرڏيه?? وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، ا??هن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پرڏيه?? وزير ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن ۽ ميڊيا ۽ سوسائٽي جي سرگرم شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏي??هن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کا?? فيبروري جي شروع تائين چين جي بهار جي تهوار کا??پوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين جي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي سرحدي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون ت??ظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنوري ي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آهي، اهو دورو يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏي??هن دوران يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ا??هن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊس ريجن جي صدر جان جيمبون سان ملاقاتون ڪيون. هن يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پرڏيه?? وزارت جي سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي صدر کا??سواءِ يورپي ڪميشن جي صدر جي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن (آ3 جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏي??هن اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندو. هن ٻڌايو ته ٻن ڏي??هن واري اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ جي سي جي گڏيل صدارتي اقتصادي معاملن واري وفاق?? وزير سردار اياز صادق جڏهن ت?? روسي وفد جي قيادت توانائي وار?? وزير نڪولائي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ جي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي جيڪو گڏيل تعاون جي اهم مسئلن بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ريلوي ۽ توانائي تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. آءِ جي سي آخري ڀيرو نومبر 2021ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيو هو. آءِ جي سي جو جاري اجلاس 20 جنوري تي پڄاڻي تي پهچندو.