اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر پنجگور حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو ا??هار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ??ئي. هن لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد علي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو ا??هار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي سلام عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو ا??هار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ??ئي.