اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ ري??يف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار جڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ڪابينا ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿين??ڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ڀيڻويي جي لاڏاڻي تي ت??زيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪابينا کي زلزلي جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ??نه??جي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي سان ٿين??ڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ??نه??جي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، ترڪيه 2022ع جي ت??ريخي ٻوڏ ۾ ??نه??جي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم ??نه??جي ت??ڪ ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي ت??ڪيه روانيون ٿي چڪيون آهن. ريسڪيو اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ هڪ ري??يف فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ڪاروباري ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ري??يف فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ت??ڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ ??نه??جي هڪ مهيني جي پگهار بطور عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم ري??يف فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ ترڪيه ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرري جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا بل جي مسودي جو غور سان جائزو وٺي ??نه??جي رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ??انون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا.