اسلام ??باد – 09 – فيبروري (اي پي پي) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي 15 کان 16 فيبروري تائين پاڪستان ??و دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هو پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو. ??رج??ان چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا رس??ا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.