اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪ??رر??ائي جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ ا??ڙي قسم جي غيرقانوني ڪ??رر??اين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. ا??ڙي طرح جون ظالماڻي??ن ڪ??رر????يو?? عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو ا??ڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ ا??ڙي طرح جي غيرقانوني ڪ??رر??اين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري ڪ??رر??ائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سا?? پنهنجي مڪمل حمايت کي ورج??يو?? ٿا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ ا??ڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.