لاهور – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چ??ئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز لائرز فورم ۽ پر??گر??سو لائرز الائنس جي نمائندن بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پيپلز لائرز فورم ۽ پر??گر??سو لائرز الائنس جي نمائندن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن خصوصي طور تي صباحت رضوي کي لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چ??نڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر عابد ساقي ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راحيل ڪامران چيما پڻ ملاقات ڪئي، پيپلز لائرز فورم جي نمائندن انساني حقن ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو س??ٿ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڪيل برادري کي خاطري ڪرائي ته هو انهن سان گڏجي پاڪستان جي آئين جي تحفظ ۽ بقاءَ جي جدوجهد جاري رکندو. ملاقات ڪندڙن ۾ گلفام سرويا، شاهد عمران اولک، عظيم حفيظ، آصف خان بلوچ، سلمان نذير چيما، حمزه رياض چيما، ذيشان علي ساهي، قمر خان، فهيم خان ۽ حماد صوفي شامل هئا.