اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڄ جمعي ڏينهن ف??صل آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مريم نواز اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي فيصل آباد پهچي رهي آهي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله خان پڻ ساڻس گڏ هوندو. سڀاڻي 11 مارچ تي فيصل آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين ف??بروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال ڊويز?? جا دورا ڪري چڪي آهي.