اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ??رڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ??ري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعل??م ۽ تدريس، يونيورسٽي آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ميري ستياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پروفيسر ميري ستياسني يونيورسٽي آف لنڊن جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم يونيورسٽي آف لنڊن جي انهن قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پ??ڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ??رڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ??ري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت يونيورسٽين ۾ باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ??ري انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيسر ميري ستياسني جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.