ٿرپارڪر – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ 1650 ??يگ??واٽ بجلي جي ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن سان ڪوئلي سان پيدا ??يندڙ بجلي جي پيداوار 3300 ??يگ??واٽ ٿي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام ڪوٽ ٿر جو هڪ ڏينهن جو دو??و ڪيو ۽ 330 ??يگ??واٽ ٿل نووا ٿر ۽ 1320 ??يگ??واٽ شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير خان، مر??م اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، چيني نائب ناطم الامور پانگ چن شوئي ۽ سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ پڻ موجود هئا. اهي منصوبا 3.53 ارب ڊالر جي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيا ويا آهن.