اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز ??شرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت س??ال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي مڪم?? اعتماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز ??شرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن ??نه??جي سيٽن تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي ??نه??جي اعتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز ??شرف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اعتماد لازمي آهي.