اسلام آباد -22 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي آهي، جنهن ۾ 9 مئي تي پ??ش آيل واقعن جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج تي مڪمل اعتماد، يڪجهتي ۽ حمايت جو اظ??ار ??يو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان 9 مئي 2023ع تي ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ پ??ش آيل دل ڏکوئيندڙ، نڪ جي پڪائي ۽ شرمناڪ ۽ جن واقعن اسان جي قومي تشخص کي داغدار ڪيو، انهن جي شديد مذمت ڪري ٿو. جڏهن ته هي ايوان پاڪستان جي هٿياربند فوج تي پنهنجي مڪمل اعتماد ۽ يڪجهتي ۽ حمايت جو عزم ورجائي ٿو. 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور شمار ??يو ويندو. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ??مو??ن وڳوڙين، منصوبا سازن ۽ سهولتڪارن سميت جيڪي ماڻهو سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت باهيون ڏيڻ، فوجي ملڪيتن سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف موجوده قانون دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ سميت 1997، ايڪٽ 1952 جي ايڪٽ ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 تحت ڪيس قائم ڪيا وڃن. هي ايوان هدايت ڪري ٿو ته ??مو??ن لاڳاپيل عملدارن، سوشل ميڊيا جي قائدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪن ته جيئن ملڪ جي ادارن خلاف پاڪستان اندر توڙي ٻاهر کان ڪيترن ئي رانديگرن جي سرپرستي ۽ سهولت تحت پروپئگنڊه کي منهن ڏئي سگهجي ته جيئن پروپئگنڊه مهم ۾ ملوث ماڻهن سان گڏوگڏ قانون مطابق سختي سان منهن ڏئي سگهجي. قرارداد م چيو ويو آهي، ته اسان موجوده جيو اسٽريٽجڪ صورتحال جي روشني ۾ قومي اتحاد، هم آهنگي ۽ سالميت لاءِ پنهنجي عزم جو اظ??ار ڪيون ٿا ۽ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙن ??مو??ن رياست مخالف ڌرين کي رد ڪيون ٿا، ??مو??ن سياسي مسئلن جو حل هميشھ پارلياماني ۽ جمهوري اصولن جي دائري ۾ رهڻ گهرجي. رياستي ادارن، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن خلاف تشدد جو سهارو وٺڻ بلڪل ناقابل قبول آهي. قومي اسيمبلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.