اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي بجيٽ اجلاس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 ج??ن تائين جاري رکيو و??ند??. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هلندڙ بجيٽ اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائين جاري رکڻ ت?? اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 ج??ن تائين عام بحث جاري رکڻ ت?? اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو و??ند?? ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي وارو وزير بجيٽ 24-2023 تي عام بحث کي سهيڙ??ند??. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 ج??ن تي ٿ??ند?? جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي بحث 21 ۽ 22 ج??ن تي ٿ??ند??. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 ج??ن تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪيو و??ند??. ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجيٽ اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 ج??ن تي به جاري رکيو و??ند??. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون سازي واري ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.