اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ??نڊ?? پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي ت?? تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب وي?? ۽ افضل بٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي ت?? ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي ت?? افسوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگ?? ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي ت??فيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ??نڊ?? چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ??نڊ?? ان موقعي ت?? مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.