اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) يوڪرين جو پرڏيهي وزير دمترو ڪ??ليبا 20 کان 21 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪ??دو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ۾ هو اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سا?? ملاقات ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سا?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان يوڪرين جي وچ ۾ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. يوڪرين جي پرڏيهي وزير جو دورو 1993ع ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون وزارتي دورو آهي. اميد آهي ته ان سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.