اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف عل??ي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪي?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪي??ٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪي?? ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪي??. ڊا??ٽر عارف عل??ي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪي??. صدر شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪي??. هن شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.