اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي م??ڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ج?? عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يوڪرين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ڪئي. وزيراعظم يوڪرين جي آزادي کا??پو??ِ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ج?? عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ يوريشيا جي خطن ۾ سلامت?? جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپ?? جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يوڪرين جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي م??ڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يوڪرين جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يوڪرين جي م??جوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آهي جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪرد??ر ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يوڪرين جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.