اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪامسٽيڪ نوبيل فيسٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقستان ۾ نوبل فيسٽيول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل فيسٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي. نوبل فيسٽيول ۾ نوبل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪ??ال??جي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اه??يت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوس??ئو?? فضائي رابطن جو قيام خوش آئنده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪ??ال??جي جي ميدان ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ج?? لاءِ ڪامسٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.