اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اس??ن جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وقت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اس??ن موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اس??ن وٽ مختصر وقت آهي پر اس??ن پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ?? کين مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اس??ن ج?? مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن اس??ادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ڪو حل ڪڍنداسين.