اسلام آباد – 24 آگسٽ (ا?? پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي خوشحالي نوجوانن کي سمورين ضروري مهارتن سان آراسته ڪرڻ ۾ موجود آهي. ملڪ ۾ هنرمندي جي تعليم کي ??ٿي ڏيڻ ۾ نيش??ل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن يونيورسٽي جي وائس چانسلر سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هنرمندي جي تعليم جي لاءِ نيش??ل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان کي عوام کي روزگار ڪمائڻ جي صلاحيتن واري تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي خوشحالي جو حتمي حل نوجوانن کي انهن سمورين ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ ۾ موجود آهي جن جي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن کي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ نيش??ل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تيار ڪيل هنري تعليم جي ماڊل کي ??اڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري ڳوٺاڻي سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ڏورانهن علائقن کي ڪافي فائدو پهچي سگهي ٿو. جيڪڏهن نيش??ل اسڪلز يونيورسٽي جي تعليمي حڪمت عملي کي ??اڳو ڪيو وڃي ته هنرمندي جي تعليم تائين پهچ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار افتتاحي ميٽنگ دوران پرو چانسلر جي ويزن جي تعريف ڪئي. بريفنگ سيشن ۾ تعليم واري وزير يونيورسٽي طرفان پيش ڪيل مختلف هنر سيکارڻ وارن پروگرامن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ پنهنجي عملي کي ??شورو ڏنو ته اهو نيش??ل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي دوري جو اهتمام ڪري. هوڏانهن نگران وفاقي وزير تعليم کي ??لڪ ۾ هنري تعليم جي لاءِ يونيسڪو يو اين اي وي او سي سينٽر طور تي اين ايس يو جي منفرد ??المي اعزاز جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. پروفيسر مختار چيو ته پرو چانسلر جي علمي بصيرت، ڳوٺاڻن علائقن جي نوجوانن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهي ۽ بهترين شخصيت قومي تعليم ينظام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي ڀائديمند ثابت ٿيندي.