ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويند??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارال??ق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کو?? جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪراي??. و??يراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيوا يم جي وفد ۾ فاروق ستار، سيد امين الحق، خواجه اظهارا??حس?? ۽ ٻيا شامل هئا.