اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪئ??اڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت ڪئ?? آهي ۽ دنيا تي زور ڏنو آهي ته اها ڪئ??اڊا جي سرزمين تي ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ قتل جو سنجيدگي سان ??وٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي اندر ۽ ٻاهر اقليتي گ??وه?? جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو اقليتي گ??وه?? جي خلاف عدم برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتي برادري?? جي خلاف دهشتگردي جاري رکي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ اقليتن تي ظل?? ۽ ??اڍ ۽ انه?? جي عبادتگاهن کي مسمار ڪرڻ تي دنيا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت کي غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چيو ته اهو هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪ?? جي سرزمين پاڪستا?? جي خلاف استعمال ڪرڻ، فالس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواي?? جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خطي ۾ مشڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان ??ڏو ذريعو آهي پر افسوس جو دنيا خاموشي اختيار ڪري رکي آهي.