نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏ??ل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران سندس اڻٿڪ حمايت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ (فور آر ايف) تي جنيوا ڪانفرنس جي گڏ??ل ميزباني تي سيڪريٽري جن??ل جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي سنگين خطرن جي ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن پاران موسمياتي مالياتي واعدن جي تڪميل جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جن??ل کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اڳڀرائي کان آگ??هه ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ جي مضبوط اقتصادي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نگران وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن کي سگهه ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل قدمن جي لاءِ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جن??ل جي عاليم مالياتي تبديلي جي مطالبي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو ??ڪر ڪندي سيڪريٽري جن??ل کي ڀارت پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگ??هه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو.