ني??يا??ڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. ني??يا??ڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته انهن ??را??دادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??را??دادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ ??اد??ءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل ??را?? ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي ??را??دادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪشمير جي آزمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف کان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ني??يا??ڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين بابت گڏيل قومن جي ??را??دادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردا?? ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس م??عقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.