اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت ج?? فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت مو??ود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪستان سروس لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مرتضيٰ هاشواڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ڪاروباري سگهه کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مرتضيٰ هاشواڻي نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ جي ڪامياب ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذر??عي ملڪ جي ڪاروباري برادري ۽ حڪومت ج?? وچ ۾ ڪاروباري حصيداري جي تجويز پيش ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت ج?? تمام گهڻي سگهه مو??ود آهي. پاڪستاني ڪاروباري برادري ۽ چيني تعاون جي ذر??عي خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي جي سياحت ج?? شعبي ۾ خاطرخواهه ڪم ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ۾ سياحتي ماڳن تي مو??ود سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذر??عي ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.