اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز م??افعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن ه??ايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز م??افعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وفاقي وزارتون ??وب??ئي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، نگران ??وب??ئي وڏن وزي??ن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ??في??رن شرڪت ڪئي.