لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته ??يپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبائيل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيز?? ۽ ??شتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند هوندي ته ??ولنگ ايجنٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظا?? انٽرنيٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.